جي تند برابر توريان

جي تند برابر توريان

جي تند برابر توريان

جي تند برابر توريان (ڪتاب): سنڌ جي مهان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار شيخ اياز جي مختلف ڪهاڻين کي سهيڙي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ’تند برابر توريان'>جي تند برابر توريان‘ جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏني آهي. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ شيخ اياز جون ورهاڱي کان پهرين ’اڳتي قدم‘، ’سنڌو‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾: اسان جي سنڌ، پنهل کان پوءِ، نظيران، کلڻي، هڪ شمع ٻه پروانا، شرابي، چار ايڪڙ ٻني سميت 24 ڪهاڻيون شامل آهن. هن مجموعي ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ ستار پيرزادي جي شيخ اياز جي ڪهاڻين تي لکيل مقالن سان گڏ، جمال ابڙي جا خيال پڻ ڏنل آهن. نومبر 1998ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيل ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪُل 160 صفحا آهن، جڏهن ته ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو